اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) اطلاع??ت ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت اظهار جي آزادي جي راءِ تي مڪمل يقين رکي ٿي، صحافت ۾ ڪورٽ رپورٽر جو ڪردار تمام اهم آهي، ڪورٽ رپور??رز ٽيڪينڪل فيلڊ آهي، وڪيلن وانگر صحاف??ن کي به قانون کان آگاهي رکڻي پوندي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاع??ت ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل باڊي کي مبارڪباد ڏيندي ڪيو. هن چيو ته غير جانبداراڻي ص??افت سان ئي معاشرو صحيح رخ ۾ هلي سگهي ٿو، حڪومت فيلڊ ۾ ڪم ڪندڙ صحافين جي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، اطلاع??ت ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته سڀني ص??اف??ن کي ايندڙ ڏينهن ۾ حڪومت پاران صحت ڪارڊ جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي، ان موقعي تي چوڌري فواد حسين ايڪسپريس نيوز جي ثاقب بشير کي ص??ر، نيو نيوز جي ذيشان سيد کي جنرل سيڪريٽري، سينئر نائب صدر رضوان قاضي، انڊپينڊنٽ اردو سان لاڳاپيل مونا خان کي نائب صدر ۽ حسين احمد کي فنانس سيڪريٽري چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني.
تحريڪ انصاف جي حڪومت اظهار جي آزادي جي راءِ تي مڪمل يقين رکي ٿي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : مصری ڈریمز ڈیلکس