اسلام آباد – 04 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڏکڻ پنجاب سان لاڳاپيل سمورن معاملن تي اڳ??رائي جي ذاتي طور تي مستقل نگرا??ي ڪندس. اهڙن خيالن جو اظهار هن صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پي ٽي آءِ جي علائقائي تنظيمي ڍانچي ۽ ڏکڻ پنجاب جي ترقي بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ڏکڻ پنجاب ۾ پي ٽي آءِ کي مضبوط ۽ فعال بڻائڻ ??ي هدايت ڪئي. هن علائقي جي ماڻهن کي سهولتن جي يقيني بڻائڻ ??ي لاءِ جاري ترقياتي منصوبن خاص طور تي ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. وزيراعظم ان عزم جو اظهار ڪيو ته هو ذاتي طور تي ڏکڻ پنجاب بابت معاملن تي اڳ??رائي جي مستقل بينادن تي نگرا??ي ڪندو.
مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس