ڪراچي – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ??رآمد ڪندڙن جي مسئلن جي حل لاءِ ضروري انفراسٽرڪچ?? ۽ ??وثر ون ونڊو آپريشن جهڙيون سهولتون فراهم ڪري سيڙپڪاري جي ترغيب ڏني ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪاروباري برادري جي هڪ گروپ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ملڪ کي درپيش مالياتي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان مشاورت ڪئي وئي. وزيراعظم واپاري برادري تي زور ڏنو ته ??ها برآمدي شعبن جهڙوڪ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ زراعت جي ترقي تي ڌيان ڏين. هن ان مقصد جي لاءِ ملڪ جي سمورن حصن ۾ ايڪسپورٽ انڊسٽريل زونز تيار ڪرڻ جو واعدو ڪيو جنهن ۾ برآمد ڪندڙن کي انهن جي مسئلن جي حل لاءِ ضروري انفراسٽرڪچ?? ۽ ??ن ونڊو آپريشن جهڙيون سهولتون فراهم ڪري سيڙپڪاري جي ترغيب ڏني ويندي. هن گرين ۽ قابل تجديد توانائي جي پيداوار جي لاءِ شمسي ۽ هوا جي شعبن کي ترقي ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ڇوته پاڪستان تيل جي درآمد تي ساليانو 20 ارب ڊالر خرچ کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ??ڪومت پاران لگزري ۽ غيرضروري شين جي درآمد تي پابندي جي فيصلي سان ساليانو 4 ملين ڊالر جي بچت ٿيندي جيڪا پام آئل جي سالياني درآمد جي لاءِ ڪافي آهي. وزيراعظم خواهش ظاهر ڪئي ته واپاري برادري سميت پوري قوم اسان جي خراب سماجي اقتصادي حالتن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري ڇو ته ??ڳتي وڌڻ جو اهو ئي واحد رستو آهي.
برآمد ڪندڙن جي مسئلن جي حل لاءِ ضروري انفراسٽرڪچر ۽ موثر ون ونڊو آپريشن جهڙيون سهولتون فراهم ڪري سيڙپڪاري جي ترغيب ڏني ويندي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II