اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڀارت 5 آگس?? 2019ع تي عالمي سطح تي مڃيل ڪش??ير جي تڪراري حيثيت کي تبديل ڪرڻ ۽ پنهنجي غيرقانوني قبضي هٺ ڄمون ۽ ڪش??ير جي آبادياتي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ غيرقانوني ۽ هڪطرفا قدم کنيا. استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ٽي سالن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائين اها ڳالهه واضح ڪر?? ڇڏي آهي ته ڀارت والاريل ڪش??ير ۾ آبادياتي تبديلين کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي ڪڌن منصوبن تي مسلسل عمل ڪري رهيو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت اهڙا جابراڻا قدم کڻي رهيو آهي جنهن تحت والاريل ڪش??ير ۾ مسلمان اڪثريت جي قيمت تي هندو اڪثريتي تڪ ٺاهيا ويا، غيرڪشميرين کي لکين جعلي ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا ويا ۽ زمين ۽ ملڪيت بابت قانونن ۾ ترميمون ڪيون ويون آهن. هن چيو ته اهي قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردان ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن سميت عالمي قانونن جي خلاف ورزي آهي ۽ اها ڪش??يرين جي جدا سُڃاڻپ کي ختم ڪرڻ جي ڀارتي ڪوشش کانسواءِ ڪجهه نه آهي. پرڏيهي وزير چيو ته والاريل ڪش??ير ۾ 9 لک ڀارتي فوجين جي موجودگي ڪش??ير کي دنيا جي سڀ کان وڏي عسڪري زون ۾ تبديل ڪر?? ڇڏيو آهي. هن چيو ته عدالت کان مٿانهين قتل، نظربندين، حقيقي ڪش??يري قيادت کي قيد ۽ هراس??ن ڪرڻ سميت انساني حقن جي ٻين سنگين خلاف ورزين ذريعي ڪش??يرين جي انساني مصيبتن کي بهتر طريقي سان دستاويزي شڪل ڏني وئي آهي ۽ سڄي دنيا ۾ ان جي مذمت ڪئي وئي آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 5 آگس?? 2019ع کان هيستائين 650 کان وڌيڪ ڪش??يري شهيد ٿي چڪا آهن، هلندڙ سال 130 کان وڌيڪ ڪش??يري شهيد ڪيا ويا آهن.
ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي غيرقانوني قبضي هٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي آبادياتي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ غيرقانوني ۽ هڪطرفا قدم کنيا: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن