اسلام آباد -05 سيپٽمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحما?? سان آمريڪي وفد ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ جاري امدادي سرگرمين جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. آمريڪي ڪانگريس جي ميمبر شيلا جيڪسن لي وفد جي اڳواڻي ڪري رهي هئي، جڏهن ته ميمبرن ۾ ٽام سوزي ۽ آل گرين کان علاوه پاڪستان ۾ آمريڪا جو سفير ڊونلڊ بلوم پڻ شامل هو. موسمياتي تبديلي واري وزارت طرفان جاري بيان مطابق آمريڪي وفد کي ٻوڏ متاثر علائقن م امدادي سرگرمين سميت متاثرن جي بحالي لاءِ گهربل امداد جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو. وفاقي وزير وفد کي ٻڌايو ته ٻوڏ سبب 33 ملين ماڻهو شديد متاثر ٿي?? آهن، جڏهن ته ملڪ جا ڏاکڻا علائقا اڃا به پاڻي هيٺ آهن، جيڪي انساني صحت لاءِ خطرناڪ آهن. هن چيو ته پاڻي سبب پيدا ٿيل بيمارين جي ڪري اسان هيلٿ ايمرجنسي طرف وڃي رهي?? آهيون، ٻوڏ سبب اڀرندڙ بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ فوري امداد جي ض??ورت آهي. ان موقعي تي آمريڪي وفد ٻوڏ ۽ برساتن سبب قيمتي جانين جي ض??يع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو. وفد سانوڻي جي تباهڪارين تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڏکي وقت ۾ پاڪستا?? سان مڪمل تعاون ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان سان آمريڪي وفد جي ملاقات، ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرمين جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : پاور بال لاٹری