اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چي?? آهي ته عمران خان کي ٻوڏ ۾ ٻڏل ملڪ ۽ ماڻهو نظر نه پيا اچن، اقتدار جي حوس جي پٽيءَ اکين تي ٻڌل آهي، عمران خان جو حقيقي مسئلو ذاتي انا، تڪبر، خودپسندي، اقتدار جي حوس ۽ ڪرپشن آهي، عمران خان توهان جي جيتري حيثيت آهي ايتري ڳالهه ڪريو، ”ڪئي وڃي“ ۽ ڪيو وڃي“ جو وقت ختم، عمران صاحب اڳ ۾ فيصلو ڪريو توهان جو مسئل?? آهي ڇا؟ ٻاهرئين سازش؟ حقيقي آزادي؟ اليڪشن ڪمشنر؟ ڪرپشن جو اين آر او؟ پنهنجي بيان ۾ هن چ??و ته عمران خان حقيقي آزادي نه پر پنهنجي حقيقي ڪرپشن تي اين آر او چاهي ٿو، ٻاهرئين ملڪ سازش نه پر پنهنجي فارن فنڊنگ جي حقيقي سازش تي اين آر او چاهي ٿو، عمران خان جو مقصد ڪا اليڪشن نه آهي پر پنهنجا ڪيس ختم ڪرائڻ آهي، عمران خان ڌوئنس ۽ ڌمڪي گار سان ا??ن آر او گهري رهي?? آهي. هن چ??و ته عمران خان فرح گوگي ۽ بشريٰ بي بي جي لاءِ اين آر او گهري رهي?? آهي، عمران خان بيمار، شڪست کاڌل ذهنيت جو مالڪ ۽ ڪرپٽ انسان آهي، عمران خان ڪوڙو?? انا پرست ۽ خودغرض ٻهروپي?? آهي، عمران خان فارن فنڊنگ ۾ اين آر او گهري رهي?? آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اليڪشن ڪمشنر آخر ڪهڙو گناهه ڪي?? آهي؟ 8 سالن کان ا??توا هيٺ فارن فنڊنگ ڪيس ۾ فيصلو ئي ته ٻڌاي?? آهي، عمران صاحب توهان ا??يڪشن ڪمشنر کان ڪهڙي شيءَ جي گارنٽي ورتي هئي؟ عمران خان فارن فنڊنگ ۾ اليڪشن ڪمشنر کان ا??ن آر او گهري رهيو هو، عمران صاحب اليڪشن ڪمشنر تي توهان جي ڪاوڙ آهي ڇو؟ عمران صاحب توهان کي اليڪشن ڪمشنر جي ڪهڙي، ڪنهن ۽ ڇو گارنٽي ڏني هئي؟ هن چ??و ته عمران خان آمريڪا جي خلاف بيان بازي ڪري ٿو ۽ آمريڪي فرم سان آمريڪا ۾ لابنگ ۽ برانڊنگ ڪرائي ٿو، لڪي لڪي ملاقاتون ڪري ٿو.
عمران خان کي ٻوڏ ۾ ٻڏل ملڪ ۽ ماڻهو نظر نه نه پيا اچن، اقتدار جي حوس جي پٽيءَ اکين تي ٻڌل آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa