اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا پاڪستان سان قانوني مدد جي حوالي سان لکت معاهدو نه رکندڙ ملڪن پاران گڏيل قانوني مدد جون درخواستون قبول ڪرڻ جي گهرو وزارت ??ي سمري منظور ڪري ورتي جڏهن ته وزيراعظم ناڻي واري وزارت ۽ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کي هدايت ڪئي آهي ته حا??ي سڳور?? جي اوور بڪنگ جي حوالي سان بئنڪن کان اهو ضرور پڇيو وڃي ته انهن ان معاملي ۾ لاپرواهي کان ڪم ڇو ورتو ان کانسواءِ ٻوڏ متاثري?? جي لاءِ اين ڊي ايم اي کي 3 ارب رپي?? جي فراهمي جي منظوري پڻ ڏني وئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. وزيراعظم سمورن ڪابينا ميمبرن کي ڀليڪار چيو. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ حڪومتي ڪوٽا تي حا??ي سڳور?? جي اوور بڪنگ جي معاملي جي انڪوائري رپورٽ بحث هيٺ آئي. ان معاملي تي جوڙيل ڪميٽي ۾ ناڻي واري وزارت، مذهبي معاملن واري وزارت ۽ اسٽيٽ بئنڪ جا نمائندا شامل هئا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اوور بڪنگ جي معاملي ۾ مفاهمت جا مسئلا هئا ۽ ڪنهن به قسم جي بدنيتي جا ثبوت نه مليا. جن بئنڪن پاران حا??ي سڳور?? جي حڪومتي ڪوٽا تي اوور بڪنگ ڪئي وئي هئي، انهن بئنڪن پاران حا??ي سڳورن کي معاوضي جي رقم ادا ڪئي وئي آهي. وزيراعظم ناڻي واري وزارت ۽ اسٽيٽ بئنڪ کي اها هدايت ڪئي ته انهن بئنڪن کان اهو ضرور پڇيو وڃي ته انهن ان معاملي ۾ لاپرواهي کان ڪم ڇو ورتو. وزيراعظم ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ بئنڪن کي پنهنجو ڪم موڪل واري ڏينهن به جاري رکڻ جي لاءِ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کي هدايت ڪري ڇڏي. وفاقي ڪابينا ا??ڙن ملڪن جن سان پاڪستان جو قانوني مدد جي حوالي سان ڪو لکت وارو معاهدو نه آهي پاران گڏيل قانوني مدد جون درخواستون قبول ڪرڻ جي گهرو وزارت ??ي سمري منظور ڪري ورتي. وفاقي ڪابينا نيشنل هيلٿ سروسز، ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن پاران 10 دوائن تي ريٽيل پرائس وڌائڻ ??ي سمري رد ڪري ڇڏي. وزيراعظم چيو ته آئون دوائ?? جي قيمتن ۾ اضافي جي قطعي حمايت نه ٿو ڪريان. وفاقي ڪابينا سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ??ي سفارش تي بجلي سان هلندڙ پنک?? جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ انرجي پرفارمنس اسٽينڊرڊ جي مدي ۾ 30 جون 2023ع تائين توسيع جي منظوري ڏئي ڇڏي. جڏهن ته وزيراعظم سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت کي هدايت ڪئي ته ان حوالي سان 30 جون 2023ع کان اڳ گهٽ کان گهٽ انرجي پرفارمنس اسٽينڊرڊ کي بهتر ڪوالٽي تي آڻڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي وڃي. وفاقي ڪابينا ليجيسلي??و ڪيسز بابت ڪميٽي جي 2 سيپٽمبر 2022ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصل?? جي توثيق ڪري ڇڏي. جن ۾ بائيو اسٽڊي رولز 2017ع جي رول 13 ۾ ترميم جي منظوري، اميگريشن آرڊيننس ??ي سيڪشن 15 ۾ ترميم جي منظوري، گئس چوري جي روڪٿام ۽ وصولي ايڪٽ 2016ع ۾ ترميم?? جي منظوري، اويڪيو ٽرسٽ پراپرٽي بورڊ ??ي سيڪريٽري جي جڳهه تي سروس رولز ۾ ترميم?? جي منظوري، سولر اوزارن، اليڪٽرڪ موٽرز، پاور ٽرانسفارمر کي پاڪستان اسٽينڊرڊ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي ۾ شموليت شامل آهي. وفاقي ڪابينا ا??تصادي رابطا ڪميٽي اي سي سي جي 8 سيپٽمبر جي اجلاس ۾ ڪيل فيصل?? جي توثيق ڪئي جن ۾ يوٽيلٽي اسٽورز ٻوڏ متاثري?? جي کاڌي پيتي جي ضروري شي?? جي خريداري جي 54 ڪروڙ رپي?? جي منظوري، پاسڪو جي ايجنسي?? جي وچ ۾ مقامي ۽ درآمد ٿيل ڪڻڪ جي ذخيري جي ورڇ جي منظوري، افغانستان ۾ ٽن پاڪستاني اسپتالن ۾ اوزار?? جي خريداري، پگهارن ۽ فعاليت جي لاءِ رقم جي منتقلي جي منظوري، ٻوڏ متاثرين کي ريليف جي فراهمي جي لاءِ اين ڊي ايم اي کي 3 ارب رپي?? جي منظوري شامل آهي. وزيراعظم ملڪ ۾ ڪڻڪ جي قيمت جي تعين ۽ يوريا جي ورڇ جي حوالي سان صوب?? جي وچ ۾ هم آهنگي کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي لاءِ ناڻي واري وفا??ي وزير مفتاح اسماعيل، فوڊ سيڪيورٽي واري وفا??ي وزير طارق بشير چيما، ميري ٽائيم افيئرز واري وفا??ي وزير فيصل سبزواري، وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره ۽ واپار واري سيد نويد قمر کي ٽاسڪ ڏنو ويو.
وزيراعظم جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس، ٻوڏ متاثرين جي لاءِ اين ڊي ايم اي کي 3 ارب رپين جي فراهمي جي منظوري ڏيئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر