نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اج??اس جي ??وقعي تي نيويارڪ ۾ ڊينمارڪ جي ??رڏيهي وزير جي ??ي ڪوفوڊ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن ڊينمارڪ ۽ پاڪستان جي ??چ ۾ اقتصادي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جنهن ۾ گذريل ڏهاڪن دوران مسلسل اضافو ٿيو آهي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ??اءِ ويجهو تعاون جاري رکڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. پاڪستان ڊينمارڪ کي هڪ اهم ٻطرفي پارٽنر سان گڏوگڏ يورپي يونين جي ??ڪ اهم ميمبر طور اهميت ڏي ٿو. پرڏيهي وزير ڊينمارڪ سان پاڪستان جي سياسي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ، اقتصادي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ ۽ تعليمي تعاون کي وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته ڊينمارڪ پاڪستان کي اقتصادي طور تي خاص طور تي قابل تجديد توانائي جي شعبي ۾ شامل ڪرڻ ۽ ڊينمارڪ جون ڪمپنيون پاڪستان ۾ قابل تجديد توانائي جي ??ارڪيٽ ۾ داخل ٿيڻ جي خواهش رکن ٿيون. پرڏيهي وزير زور ڏنو ته عالمي برادري کي افغانستان کي نه وسارڻ گهرجي ۽ افغانستان کي درپيش سنگين انساني صورتحال کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ گڏ هجڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان افغانستان جي عوام لاءِ انساني امداد جي ??راهمي جاري رکي آهي. پرڏيهي وزير ??الاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف و??زين طرف به ڌيان ڇڪرايو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ جي ڏس ۾ ڊينمارڪ جي امداد کي به ساراهيو.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ڊينمارڪ جي پرڏيهي وزير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کی پیشن گوئی