لاهور – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي معذور ماڻهن جي پهچ کي بهتر بڻائڻ ۽ معاشري جي مرڪزي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ ٺوس ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو آهي ته جيئن اهي معاشري جا برابر، پيداواري ۽ فعال شهري بڻجي سگهن. گورنر هائوس ۾ معذور ماڻهن سان هڪ ان??ر ايڪٽو ڊائيلاگ جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي هن چي?? ته معذور ماڻهن سان روين ۾ تبديلي ان??ن کي معاشري جو ڪارائتو ميمبر بڻائڻ جي لاءِ ضروري آهي. صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) ۽ پنجاب جي سوشل ويلفيئر کاتي جي اهتمام هيٺ منعقد ٿيندڙ تقريب ۾ خاتون اول بيگمه ثمينه عارف علوي پڻ شرڪت ڪئي. سماجي ڀلائي واري صوبائي وزير غضنفر عباس ڇينا، نادرا چيئرمين طارق ملڪ، صحت، سماجي ڀلائي ۽ اسپيشل ايجوڪيشن سميت مختلف صوبائي کاتن جي انتظامي سيڪريٽرين، معذور ماڻهن جي وڏي انگ، مختلف اين جي اوز جي نمائندن ۽ ٻين ان??ر ايڪٽو سيشن ۾ شرڪت ڪئي. صدر چي?? ته معاشري ۾ ان??ن جي قبوليت کي وڌائڻ کانسواءِ معذور ماڻهن جي خلاف امتيازي سلوڪ، منفي ۽ دقيانوسي تصورن ۽ سماجي منع کي ختم ڪرڻ ۾ ميڊيا جو خاص ڪردار آهي. ڊاڪٽر عارف علوي معذور ماڻهن جي زندگي جي سمورن شعبن ۾ شموليت کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چي?? ته ان??ن کي مرڪزي ڌارا جي ادارن ۾ تعليم ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ جي پڻ ضرورت آهي. هن چي?? ته ٻڌڻ، ڏسڻ، جسماني ۽ ذهني معذوري وارن ماڻهن کي باقاعده اسڪولن ۾ تعليم ڏئي سگهجي ٿي شرط اهو آهي ته ان??ن کي صحيح مددگار ٽيڪنالاجي فراهم ۽ ان??ن جي استادن کي مناسب تربيت ڏني وڃي. هن چي?? ته عالمي سطح تي معذور ماڻهن بابت رويو تبديل ٿي رهيو آهي ۽ ان??ن کي زندگي جي سمورن شعبن ۾ تيزي سان سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن جڏهن ته پاڪستان مختلف سرگرمين ۾ معذور ماڻهن جي شرڪت جي لحاظ سان پٺتي آهي. هن وڌيڪ چي?? ته معذور ماڻهن کي سرڪاري ڪوٽا موجب نوڪريون ڏيڻ، معذور ماڻهن کي جن جي معتدل ۽ شديد قسم جي معذوري آهي ان??ن کي به مختلف نوڪرين ۾ ان??ن جي قابليت ۽ مهارت موجب جڳهه ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته پاڪستان ۾ معذور ماڻهن جي تعداد بابت صحيح انگن اکرن جي کوٽ آهي، جڏهن ته مختلف اندازن موجب اهي اسان جي آبادي جو 10 سيڪڙو کان وڌيڪ آهن. هن چي?? ته پاڪستان کي پنهنجي آبادي جي ان وڏ?? حصي کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي، ان??ن کي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ ان??ن جي صلاحيتن کي ڀرپور صلاحي??ن موجب وڌائڻ جي لاءِ مناسب ڪوششون ڪرڻ گهرجن.
صدر پاران معذور ماڻهن کي معاشري جي مرڪزي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ ٺوس ڪوششن جي ضرورت تي زور
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی قانونی حیثیت