ڪراچي – 15 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بئنڪنگ سيڪٽر ۽ رياستي ادارن تي خصوصي ماڻهن کي فعال شهري بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته معاشري کي وڌيڪ جامع بڻائڻ جي سلسلي ۾ خصوصي ماڻهن جي لاءِ روزگار، سهولتن ۽ قبوليت وڌائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻيون پونديون، عورتن ۽ خصوصي ماڻهن جي خودمختياري جي شعبن ۾ سٺي ڪارڪردگي رکندڙ بئنڪن جي حوصلا افزائي جي لاءِ ساليانو انعامي طريقيڪار جوڙڻ گهرجي. صدر اهي ڳالهيون گورنر هائوس ڪراچي ۾ بئنڪن، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان، پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي، ايف آءِ اي ۽ ٻين ادارن جي نمائندن سان عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ مختلف صلاحيتون رکندڙ ماڻهن جي شموليت بابت اجلاس دوران چيون. صدر چيو ته ڪاروباري ادارن کي رڳو پنهنجي منافعي کي وڌائڻ تي ڌيان نه ڏيڻ گهرجي پر معاشري جي پٺتي پيل طبقن خاص طور تي معذور ??اڻهن جي مدد جي لاءِ پنهنجون ذميواريون پڻ ادا ڪرڻ گهرجن. هن وڌيڪ چيو ته بئنڪنگ انڊسٽري کي پنهنجي ڪارپوريٽ سماجي ذميواري جي پروگرامن جي ذريعي معاشري ۾ شموليت ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اين جي اوز يا نجي تنظيمن سان حصيداري کي فروغ ڏيڻ گهرجي. صدر ڏسڻ ۽ ٻڌڻ کان محروم ماڻهن کي مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ هر بئنڪ ۾ خصوصي فوڪل پرسنز جون خدمتون حاصل ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته سمورن سرڪاري ۽ نجي ادارن، سول سوسائٽي، چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري، بئنڪن وغيره کي مختلف معذور ??اڻهن جي لاءِ قبوليت ۽ روزگار کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي اشارن کي بهتر بڻائڻ ۽ خصوصي ماڻهن جي ??سئ??ن کي حل ڪرڻ ۾ بئنڪنگ جي ڪردار کي ساراهيو. صدر عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ خصوصي ماڻهن جي مالي شموليت بابت ??سئ??ن ۽ چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قدمن تي زور ڏنو. صدر معذور ??اڻهن جي حوالي سان وڏي پئماني تي آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته پاڪستان ۾ اٽڪل 24 سيڪڙو آبادي ڪنهن ڪنهن قسم جي ذهني دٻاءُ جو شڪار آهي، پي ٽي اي کي موبائيل سروس جي پيغامن جي ذريعي ذهني صحت سان لاڳاپيل ??سئ??ن بابت وڏي پئماني تي آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ پڻ چيو ويندو. ان موقعي تي ڳالهائيندي خاتون اول بيگم ثمينه علوي خصوصي ماڻهن جي لاءِ پاڻڀرائپ کي فروغ ڏيڻ ۽ ملازمت جا موقعا پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته انهن کي مناسب تربيت جي ذريعي هنرمند ۽ پاڻڀرو بڻائي سگهجي ٿو. هن مختلف معذور ??اڻهن جي خاص طور تي شاپنگ سينٽرز، بئنڪنگ، ريسٽور??نٽ??، تعليمي ادارن ۽ اسپتالن تائين پهچ کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.
معاشري کي وڌيڪ جامع بڻائڻ لاءِ خصوصي ماڻهن جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻيون پونديون: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب