اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پارليامينٽ سڀني ادارن جي ماءُ آهي، جنهن جي توهين ڪئي پئي و??ي، پاڪستان جي عوام جي پئسي جي اجازت رڳو عوام جو هي چونڊيل ايوان ڏئي سگهي ٿو، ا??ان ماضي ۾ به ڪنهن غيرآئيني قدم کي تسليم نه ڪيو اڄ به نه مڃينداسين، رڳو هڪ خط ??ان ڪم نه هلندو، هن ايوان جو استحقاق مجروح ٿيو آهي، ايوان جي استحقاق ڪميٽي ۾ توهين پارليامينٽ جي ڪارروائي ڪئي و??ي. قومي اسيمبلي ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪ??ائ?? جي شق ا??ان ناهي ٽوڙي ڪنهن ٻئي ٽوڙي آهي. هن چيو ته هتي جن ميمبرن استعيفائون ڏنيون جن جون استعيفائون منظور به ٿيون ان تحت انهن جي سيٽن تي به ضمني چونڊون ٿيڻيون هيون. پر عدالتن انهن کي منع ناما جاري ڪيا ۽ اهي ضمني چونڊون به 90 ڏينهن کان تمام گهڻو اڳتي هلي ويون. هن چيو ته ڪيترن ئي هفتن کان ملڪ ۾ تماشو هلي رهيو آهي ۽ آئيني بحران پيدا ڪيو پيو وڃي. ا??ان تي اقليتي فيصلو مڙهيو پيو وڃي. هن چيو ته ا??ان 90 ڏينهن جي اندر چونڊون ڪ??ائ?? يا ڪنهن ٻئي تناظر ۾ آئين جي خلاف ورزي نه ٿا چاهيون، سپريم ڪورٽ آئين جي تشريح ڪرڻ جو اختيار رکي ٿي آئين ۾ ترميم ڪرڻ جو نه. پيپلزپارٽي 1973ع جو آئين ڏنو ۽ ا??ان 18 هين ترميم کانپوءِ آئين بحال ڪيو. ا??ان آئين و??اق?? اڪائين کي ڳنڍڻ ۽ صوبن کي انهن جا حق ڏيارڻ جي لاءِ ٺاهيو. پارليامينٽ سڀني ادارن جي ماءُ آهي، ان جي توهين ڪئي پئي و??ي. هن چيو ته اهو ادارو جنهن کي آئين جو تحفظ ڪرڻو آهي اهو ڪيئن اهو ڪري سگهي ٿو ته پارليامينٽ جي ووٽ جو اختيار وسري و??ي، اهي وزيراعظم کي ڪيئن اها ڊائريڪشن ڏئي سگهن ٿا، ا??ان آئين جي خلاف ورزي جو ڪڏهن سوچيو به نه آهي، ا??ان ماضي ۾ به ڪنهن غيرآئيني قدم کي تسليم نه ڪيو اڄ به نه مڃينداسين. هن چيو ته جيڪڏهن ا??ان کان ڪو غيرآئيني قدم ڪ??ائ?? چاهي رهيو آهي اها توهين پارليامينٽ آهي رڳو خط ??ان ڪم نه هلندو. هن ايوان جو استحقاق مجروح ٿيو آهي، قومي اسيمبلي جي استحقاق ڪميٽي ۾ اهو معاملو اٿاريو وڃي. وزيراعظم هن ايوان جو چونڊيل وزيراعظم آهي، جيڪڏهن ان تي ڪو حرف اچي ٿو ته اهو هن پوري ايوان جو استحقاق مجروح ڪرڻ جي برابر آهي. هن چيو ته ا??ان چار ٽي جي اڪثريتي فيصلي ??ان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا. هن چيو ته آئيني بحران ۾ وفاق پاڪستان، جمهوريت ۽ ملڪ جي معيشت کي خطرا آهن. هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 63 اي کي ري رائٽ ڪرڻ کي ڏٺو وڃي ته نظر اچي رهيو آهي ته دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي. هن چيو ته پوري صوبي ۾ عام چُونڊُون منعقد ڪرڻ صحيح فيصلو نه آهي، ملڪ جون سموريون سياسي پارٽيون چاهين ٿيون ته قومي ۽ چئني صوبائي اسيمبلين جون چونڊون هڪ ئي وقت ٿين. عدليه پنهنجي دائره ڪار ۾ رهندي ۽ پارليامينٽ کي پنهنجي دائره ڪار ۾ رهڻ ڏنو وڃي ته ڳالهه ٻولهه جو عمل هلي سگهي ٿو. هن چيو ته عدليه جي پنچائت ۾ ماڻهو ڳالهيون چاهين ٿا ته ان جي ڪاميابي مشڪل هوندي. هن چيو ته جيڪڏهن عمران خان چاهي ٿو ته تاريخ ۾ هو سٺن لفظن ??ان ياد رکيو وڃي ته کيس گهرجي ته هو ذاتي طور تي ڳالهين جو رستو اختيار ڪري.
پارليامينٽ سڀني ادارن جي ماءُ آهي، جنهن جي توهين ڪئي پئي وڃي، پاڪستان جي عوام جي پئسي جي اجازت رڳو عوام جو هي چونڊيل ايوان ڏئي سگهي ٿو: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا حساب