اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف خيبرپختونخواهه جي ضم ٿيل ضلعن جي لاءِ بجيٽ ۾ خصوصي ترقياتي منصوبا شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪري ڇڏي آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم محمد شهباز شريف سان خيبرپختونخواهه جي ضم ٿيل ضلعن سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن ڪالهه اربع ڏينهن ملاقات ڪئي. وزيرا??ظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪندڙن ۾ سمنڊ پار پا??ست??نين واري وفاقي وزير ساجد حسين طوري، قومي اسيمبلي ميمبرن محسن داوڙ ۽ محمد جمال الدين شامل هئا. ملاقات ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيرا??ظم چيو ته خيبرپختونخواهه جي ضم ٿيل ضلعن جي ماڻهن جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. ملاقات ?? قومي اسيمبلي ميمبرن وزيرا??ظم کي بجيٽ جي حوالي سان خيبرپختونخواهه صوبي جي ضم ٿيل ضلعن جي مسلئن جي حل لاءِ قدمن ۽ ترقياتي منصوبن تي تجويزون ڏنيون. وزيرا??ظم انهن تجويزن جي آجيان ڪندي لاڳاپيل عملدارن کي ان تي مشاورت ڪري انهن کي بجيٽ ۾ شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف پاران خيبرپختونخواهه جي ضم ٿيل ضلعن لاءِ بجيٽ ۾ خصوصي ترقياتي منصوبا شامل ڪرڻ جو فيصلو
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل