اسلام آباد-29 ڊسمبر (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) ايندڙ عام چونڊن بابت قومي ميڊيا لاءِ ضابطه اخلاق جاري ڪيو آهي، قومي ميڊيا ايندڙ سال 2024ع جي چونڊن، مقامي حڪومتن (لوڪل باڊيز) چونڊن ۽ ان کانپوءِ ضمني چونڊن دوران ان ضابطه اخلاق تي عمل ڪندو. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان طرفان جاري بيان موجب هي ضابطه اخلاق ويب سائيٽ تي به موجود آهي. ميڊيا لاءِ ضابطه اخلاق ۾ چيو ويو آهي ته الڪيشن ڪميشن آف پاڪستان کي اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 218 (3) تحت سونپيل اختيارن جي استعما?? ۾ ??ليڪشنز ايڪٽ 2017ع جي شق 233 سان گڏ پڙهو ۽ ان سلسلي ۾ ان کي فعال ڪندڙ ٻين سمورن اختيارن تحت اليڪشن ڪميشن ان جي ذريعي قومي ميڊيا لاءِ ضابطه اخلاق جاري ڪري ٿو. قومي ميڊيا ايندڙ عام چونڊن، مقامي حڪومتن جي چونڊن ۽ ان کانپوءِ ٿيندڙ ضمني چونڊن دوران ان ضابطه اخلاق تي مڪمل طور تي عمل ڪندو. چونڊ مهم دوران پر??ٽ، اليڪٽرانڪ ۽ ڊجيٽل ميڊياتي نشر ٿيندڙ مو??د، پاڪستان جي نظريي، خودمختياري، وقار يا سلامتي، امن امان يا پاڪستان جي عدليه جي سالميت ۽ آزادي ۽ ٻين قومي ادارن خلاف ڪنهن به راءِ جي عڪاسي نه ڪندو. اهڙا الزام ۽ بيان جيڪي قومي يڪجهتي کي نقصان پهچائي سگهن ٿا يا چونڊ شيڊول جاري ٿيڻ کان وٺي اميدوارن جي نوٽيفڪيشن تائين امن امان جي صورتحال پيدا ڪري سگهن ٿا، ان کي پر??ٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ ڪنهن به ميڊيا پرسن، اخبار ۽ چئنل کي آپريٽ ڪندڙ سرڪاري اڪائونٽ ڊجيٽل ميڊيا ۽ ٻين سوشل ميڊ??ا تي اثر انداز ٿيندڙ اڪائونٽ سان شايع يا نشر ڪرڻ کان سختي سان پاسو ڪيو ويندو. پر??ٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊ??ا تي موجود مو??د، ڪنهن به ميڊيا پرسن، اخبار، ڊجيٽل ميڊ??ا تي آفيشل اڪائونٽس هلائيندڙ چئنل ۽ سوشل ميڊ??ا تي اثر انداز ٿيندڙ ڪنهن به رخ کي شامل نه ڪيو ويندو جنهن کي جنس، مذهب، فرقي، ذات، برادري وغيره جي بنياد تي اميدوارن يا سياسي پارٽين تي ذاتي حملي طور تي سمجهي سگهجي ٿو. خلاف ورزي ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. جيڪڏهن ڪو اميدوار ڪنهن ٻي اميدوار تي الزام لڳائي ٿو ته ميڊيا کي گهرجي ته هو ٻنهي ڌرين کي منصفاڻو موقعو فراهم ڪندي ٻنهي ڌرين کان راءِ ۽ تصديق طلب ڪري. پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگوليٽري اٿارٽي (پيمرا)، پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي)، پر??س انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي)، سائبر ونگ ۽ سڌ سماءَ واري وزارت جو ڊجيٽل ميڊيا ونگ سياسي پارٽين کي ڏنل ڪوريج جي نگراني ڪندو. پيمرا ، پي ٽي اي، پي آءِ ڊي، سائبر ونگ ۽ ڊجيٽل ميڊيا ونگ، سڌ سماءَ واري وزارت ضابطه اخلاق تي عملدرآمد لاءِ اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪندا. حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ميڊيا نمائندن کي مناسب تحفظ فراهم ڪندا ۽ ميڊيا هائوسز پنهنجي اظهار راءِ جي آزادي کي پنهنجو بنيادي حق سمجهي برقرار رکندا. ڪا پر??ٽ، اليڪٽرانڪ يا ڊجيٽل ميڊيا اميدوارن ۽ سياسي پارٽين جي مهم نه هلائيندي. اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي سيڪشن 182 جي روشني ۾ پر??ٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊ??ا تي ڪو به ميڊيا پرسن چونڊن جي پڄاڻي کانپوءِ اڌ رات تي ختم ٿيندڙ 48 ڪلاڪن دوران ڪنهن به اليڪشن پول ذريعي ڪنهن به اميدوار يا سياسي پارٽي جي چونڊ مهم کي پيش ڪرڻ کان پاسو ڪندو. پر??ٽ، اليڪٽرانڪ ۽ ڊجيٽل ميڊيا سان تعلق رکندڙ ڪو به ميڊيا پرسن چونڊ عمل ۾ ڪنهن به طرح سان رڪاوٽ نه وجهندو ۽ اليڪشن ڪميشن طرفان فراهم ڪيل پنهنجو ايڪريڊيشن ڪارڊ ڏيکاريندو. پر??ٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ ڊجيٽل ميڊ??ا تي پنهنجي آفيشل اڪائونٽس تي ڪو به صحافي، اخبار، چينل ۽ ٻين سوشل ميڊ??ا تي اثر انداز ٿيندڙ ڪنهن به پولنگ اسٽيشن ??ا تڪ ۾ اندروني يا ٻاهرين چونڊ يا ڪنهن به قسم جي سروي ڪرڻ کان پاسو ڪندا جنهن سان ووٽرن کي ووٽ وجهڻ جي آزاداڻي چونڊ يا ڪنهن به طرح سان ان عم?? ۾ ??ڪاوٽ پيدا ٿئي. ووٽنگ جي عمل لاءِ صرف هڪ ڀيرو فوٽيج ٺاهڻ لاءِ صرف تسليم ٿيل ميڊيا وارن کي پولنگ اسٽيشن ۾ ڪئميرا سان گڏ داخل ٿيڻ جي اجازت هوندي. هو بيلٽ جي رازداري کي يقيني بڻائيندا ۽ اسڪرين ٿيل دٻي جا فوٽيج نه ٺاهيندا تنهن هوندي به ميڊيا اهلڪارن کي ان عمل جي ڪا فوٽيج ٺاهڻ کانسواءِ ڳڻپ جي عمل جو مشاهدو ڪرڻ جي اجازت هوندي. پولنگ جي عمل جي ڪوريج دوران ميڊيا پرسنز سڌي يا اڻ سڌي چونڊن کان اڳ، چونڊن دوران ۽ چونڊن کانپوءِ جي عم?? ۾ ??ڪاوٽ نه وجهندا. ميڊيا پولنگ اسٽيشن جو ڪو غير سرڪاري نتيجو ان وقت تائين نشر نه ڪندو جيستائين پولنگ جي پڄاڻي کانپوءِ هڪ ڪلاڪ نه گذري وڃي. پولنگ ختم ٿيڻ جي هڪ ڪلاڪ کان پوءِ براڊ ڪاسٽر واضح اعلان سان نتيجا نشر ڪندا ته هي غير سرڪاري، اڻ مڪمل ۽ جزوي نتيجا آهن، جنهن کي حتمي نتيجن طور ان وقت تائين نه وٺڻ گهرجي جيستائين ريٽرننگ آفيسر تڪ جي نتيجن جو اعلان نه ڪري. ڪنهن به خلاف ورزي جي صورت ۾ اي سي پي لاڳاپيل عملدارن کي مناسب ڪارروائي جي هدايت ڪري سگهي ??و، ان ضابطه اخلاق جي خلاف ورزي جي صورت ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ڪنهن صحافي/ميڊيا آرگنائزيشن جي ايڪريڊيشن واپس وٺڻ جو حق محفوظ رکي ٿو. خلاف ورزي جو تعين ڪرڻ جو اختيار به اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان وٽ آهي.
اليڪشن ڪميشن پاران ايندڙ عام چونڊن بابت قومي ميڊيا لاءِ ضابطه اخلاق جاري، ميڊيا پولنگ جي پڄاڻي جي هڪ ڪلاڪ کان پوءِ تائين غير سرڪاري نتيجا نشر نه ڪري سگهندو
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔