باڪو-02 مارچ (اي پي پي) غير وابسته تحريڪ جي چيئرمين ۽ آذ??با??يجان جي صدر الهام عليوف ڪووڊ- 19 سبب دنيا تي پوندڙ ناڪاري اثرن جي ازالي ۽ بحالي لاءِ گڏيل قومن جي اعليٰ سطحي پينل جي قيام جي تجويز پيش ڪئي آهي ته جيئن عالمي سطح تي قدمن جي باري ۾ تفصيلي سفارشون پيش ڪيون وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن غير وابسته تحريڪ جي سربراهي سطح جي رابطا گروپ جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته آذ??با??يجان ضرورتمند غير وابسته تحريڪ جي آفريقا سميت مختلف ملڪن کي مالي ۽ انساني امداد فراهم ڪندو رهندو. سربراهي اجلاس ۾ ڪيترن ئي ملڪن جي سربراهن ۽ غير وابسته تحريڪ جي تقريبن 70 ملڪن جي اعليٰ قيادت ?? حڪومت جي ميمبرن شرڪت ڪئي. آذ??با??يجان جي صدر اهو اعلان پڻ ڪيو ته آذ??با??يجان پهرين ڊونر طور هڪ ملين ڊالر مختص ڪري رهيو آهي، هن چيو ته وبا جي آغاز کان فورن بعد غير وابسته تحريڪ ڪووڊ – 19 جو مقابلو ڪرڻ لاءِ عالمي ڪوششن کي متحرڪ ڪرڻ جي لاءِ اڳرائي ڪئي. هن چيو ته آذ??با??يجان 80 کان وڌيڪ ملڪن کي ڪورونا وائرس بابت مالي ۽ انساني امداد فراهم ڪئي. هن چيو ته وبائي بيماري 2030ع جي پائيدار ترقياتي هدف لاڳو ڪرڻ تي ناڪاري اثر پيا. آذ??با??يجان جي صدر چيو ته انهن هدفن کي حاصل ڪرڻ ۽ 2030ع جي ايجنڊا کي پورو ڪرڻ لاءِ عالمي ڪوششن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ گهرجي. صدر چيو ته عالمي ڪوششن جو مقصد انصاف ۽ عالمي ??انونن جو دفاع ڪرڻ آهي. هن خودمختياري، قومي ??لڪيت، برابري ۽ گڏيل فائدي جي احترام جي اصولن تحت ڏکڻ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڀريو. غير وابسته تحريڪ جي چيئرمين چيو ته آذ??با??يجان غير وابسته تحريڪ جي اداره جاتي ترقي جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو، هن شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته آذ??با??يجان غير وابسته تحريڪ جي پارلياماني نيٽ ورڪ ۽ تحريڪ جي يوٿ آرگنائزيشن جي قيام جو آغاز ڪيو، هن چيو ته اسان جو مقصد اداره جاتي استحڪام پيدا ڪرڻ ۽ انهن ميمبرن لاءِ هڪ ڪامياب ميراث ڇڏڻ آهي جيڪي آذ??با??يجان کانپوءِ چيئرمين شپ سنڀاليندا. هن چيو ته 120 ميمبرن سان غير وابسته تحريڪ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کانپوءِ ٻيو وڏو عالمي ادارو آهي. صدر عليوف چيو ته عالمي سلامتي جو ڍانچو جيڪو گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان موجود آهي، هن وقت ڊرامائي تبديلين کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ گهڻ رخي عمل داءُ تي لڳل آهي، هن چيو ته عالمي ??انون جي اصولن کي نظرانداز ڪرڻ سان عالمي ??ظام کي وڌيڪ خطرا درپيش آهن. هن چيو ته خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي خلاف ورزي ۽ رياستن جي اندروني معاملن ۾ مداخلت جا وڌيڪ واقعا ڏسڻ ۾ ايندا آهن، اهم عالمي تنظيمن جي فيصلن تي يا عمل نه ڪيو ويندو آهي يا وري سليڪٽيو ايپروچ ۽ ٻٽو معيار لاڳو ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته گڏيل قومن کانپوءِ ٻيو سڀ کان وڏي عالمي اداري طور غير وابسته تحريڪ کي عالمي ??يدان ۾ وڌيڪ واضح ۽ موثر ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ نئين عالمي ??ظام جي نئين سر جوڙجڪ ۾ وڌي چڙهي حصو وٺڻ گهرجي. هن گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد تي به زور ڀريو ۽ تجويز پيش ڪئي ته سلامتي ڪائونسل جي جوڙجڪ کي وڌيڪ نمائنده ۽ جاگرافيائي طور تي وڌيڪ منصفاڻو بڻائڻ لاءِ وڌايو وڃي، سلامتي ڪائونسل ج?? ڪجهه قراردادن ت?? ڪجهه ڏينهن ۾ عملدرآمد ڪيو ويو آهي تنهن هوندي به آذ??با??يجان جي معاملي ۾ آرمينا سلامتي ڪائونسل جي چار قراردادن کي نظر انداز ڪيو جنهن ۾ تقريبن 30 سالن کان آذ??با??يجان جي علائقي مان پنهنجي هٿ??اربند فوج جي فوري ۽ غير مشروف واپسي جو مطالبو ڪيو ويو هو. هن چيو ته 2020ع ۾ آذ??با??يجان پاڻ فوجي سياسي طريقن سان پنهنجي علائقائي سالميت ۽ تاريخي انصاف کي بحال ڪيو ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد کي لاڳو ڪيو. صدر عليوف چيو ته شايد هي گڏيل قومن جي قيام کانپوءِ دنيا جو پهريون ڪيس هو، هن چيو ته آذ??با??يجان پنهنجي مالي وسيلن مان آزاد ڪرايل علائقن ۾ وڏي پئماني تي نئين سر تعمير جو ڪم ڪيو، آذ??با??يجان حڪمت 2022ع-2021ع ۾ نئين سر تعمير جي ڪم لاءِ تقريبن 4 بلين ڊالر خرچ ڪيا آهن، هن سال اسان ان مقصد لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 1.7 بلين ڊالر مختص ڪرڻ جو ارادو رکون ٿا. هن چيو ته غير وابسته تحريڪ کي هڪ مستقل سيٽ ڏيڻ گهرجي ۽ تحريڪ جي سربراهه جي عهدي تي فائز ملڪ کي اها سيٽ واري واري سان ملڻ گهرجي. هن اها تجويز پيش ڪندي تحريڪ جي ميمبر ملڪن سان ان معاملي تي مشاورت شروع ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. هن چيو ته اسان سلامتي ڪائونسل ۾ آفريقا لاءِ مستقل سيٽ مختص ڪرڻ جي به حمايت ڪريون ٿا. صدر الهام عليوف آذ??با??يجان جي موقف جي حمايت ڪرڻ ۽ 2020ع ۽ 2022ع ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ هڪطرفي ۽ متعصب آذ??با??يجان مخالف بيانن کي منظور نه ٿيڻ تي غير وابسته تحريڪ جي ملڪن جي واکاڻ ڪئي. پنهنجي خطاب ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي صدر ڪسابا ڪروسي چيو ته ڪورونا وبائي مرض دنيا کي سيکاريو ته ڪو به ان وقت تائين محفوظ ناهي جيستائين سڀ محفوظ نه هجن، ڇاڪاڻ ته اسان جي سرحدن کي بند ڪرڻ ۽ انفرادي قدم کڻڻ ڪافي ناهن، هن وبائي مرض مان نڪرڻ جو واحد رستو نه رڳو سرحدن جي اندر پر ان کان ٻاهر به يڪجهتي آهي.
غير وابسته تحريڪ جي سربراهي سطح جي رابطا گروپ جو اجلاس، تحريڪ جي چيئرمين الهام عليوف جي ڪووڊ – 19 سبب دنيا تي پوندڙ ناڪاري اثرن جي ازالي ۽ بحالي لاءِ گڏيل قومن جي اعليٰ سطحي پينل جي قيام جي تجويز
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل