اسلام آباد-11 آڪٽوبر (اي پي پي) بين الاقو??مي تعوان بابت ٽيون بيلٽ اينڊ ر??ڊ سمٽ فورم 17 ۽ 18 آڪٽوبر تي بيجنگ ۾ منعقد ٿيندو، پاڪستان سميت 130 کان وڌيڪ ملڪن ۽ 30 کان وڌيڪ بين الاقو??مي تنظيمن جي نمائندن ان ۾ شرڪت جي تصديق ڪئي آهي. چيني ميڊيا مطابق 10 سال اڳ صدر شي جن پنگ سلڪ روڊ اڪنامڪ بيلٽ ۽ 21هين صدي جي ميري ٽائم سلڪ رڊ جي گڏيل تعمير جو انيشيئٽو پيش ڪيو هو، جون 2023ع جي پڄاڻيءَ تائين 150 کان وڌيڪ ملڪن ۽ 30 کان وڌيڪ بين الاقو??مي تنظيمن بيلٽ اينڊ ر??ڊ انيشيئٽو جي حوالي سان 200 کان وڌيڪ تعاون جي دستاويزن تي صحيحون ڪيون. ان وقت بيلٽ اينڊ ر??ڊ انيشيئٽو جي سلسلي ۾ ڪيترنئي تاريخي منصوبا مڪمل ۽ عمل ۾ آندا ويا آهن. چين 28 ملڪن ۽ خطن سان 21 آزاد واپاري معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن، چين ۽ لاڳاپيل ملڪن جي مجموعي امپورٽ ۽ ا??ڪس??ورٽ جو ڳاڻيٽو 19.1 ٽريلين آمريڪي ڊالرن تائين پهچي ويو آهي. گذريل هڪ ڏهاڪي دوران بيلٽ اينڊ ر??ڊ انيشيئٽو جي دوستن جو حلقو وسيع تر ٿيندو پيو وڃي. چيني حڪومت طرفان 10 تاريخ ج??ري ڪيل وائيٽ پيپر بيلٽ اينڊ ر??ڊ جي گڏيل تعمير بني نوع انسان جي هم نصيبمعاشري جي تعمير جو اهم طريقي ڪار ان انيشيئٽو جي ڪاميابي جي حوالي سان اهم نڪتا پيش ڪيا آهن.
بيجنگ ۾ ٽيون بيلٽ اينڊ روڊ سمٽ فورم، 130 ملڪن ۽ 30 بين الاقوامي تنظيمن جي شرڪت بابت تصديق
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے