ماسڪ?? R11; 01 جنوري (اي پي پي ) تيل جي پيداوار ۽ روانگي واپار ڪندڙ ملڪن جي تنظيم اوپيڪ پلس تيل جي عالمي مارڪيٽ ۾ تيل ۾ توازن قائم ڪرڻ لاءِ 2025ع جي پهرين ٽه ماهي ۾ ان ??ي پيداوار ۾ 2.2 ملين بيرل جي رضاڪاراڻي گهٽتائي جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. اوپيڪ جي ويب سائيٽ تي شايع ڪيل تيل جي پيداوار جي بحالي جي نئين شيڊول مطابق پيداوار ۾ اضافي جو منصوبو اپريل 2025ع کان ??يپٽمبر 2026ع جي آخر تائين لاءِ آهي. تنظيم 8 ميمبر ملڪن تيل جي پيداوار ۾ 2024ع جي شروعات کان 2.2 ملين بيرل روزانو ڪٽوتي تي عمل ڪيو آهي جن مان ??وس، سعودي عرب، الجزائر ، عراق ، قازقستان ?? ڪويت ، گڏيل عرب امارات ۽ اومان ??امل آهن . اوپيڪ پلس جي ميمبر ملڪن آڪٽوبر 2024 ع تائين پابنديون هٽائڻ ۽ پيداوار کي بحال ڪرڻ جو منصوب?? بڻايو ۽ انهي مطابق هڪ ٽائيم ٽيبل تيار ڪيو، ان ڪري پيداوار ۾ اضافي کي سال 2024ع جي آخرتائين ۽ اوپيڪ پلس جي آخري وزارتي اجلاس ۾ 2025ع جي پهرين ٽه ماهي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. روس جي نائب وزيراعظم اليگزينڊر نوواڪ چيو ته اوپيڪ پلس جي قدم جو مقصد سياري ۾ گهٽ طلب دوران ??يل جي مارڪيٽ کي عدم استحڪام کان ??چائڻ آهي.
اوپيڪ پلس پاران 2025ع جي پهرين ٽه ماهي ۾ تيل جي پيداوار ۾ 2.2 بيرل جي رضاڪاراڻي گهٽتائي جاري رکڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : loteria آن لائن confiável