اسلام آباد – 23 مارچ (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته اسان جي ??اريخ ۾ 23 مارچ جهڙو ڪو به ڏينهن نه آهي ڇو ته ان ڏينهن اسان جي ??زرگن ??يص??و ڪيو هو ته غير ملڪي حڪمرانن ۽ متعصب اڪثريت جي ??اصباڻي طرز عمل کي شڪست ڏئي پنهنجي قسمت جا مالڪ پاڻ بڻجون، اهڙن خيالن جو اظهار صدر جمعي ڏينهن هتي پريڊ گرائونڊ ۾ يوم پاڪستان جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سوشلسٽ جمهوريه سريلنڪا جي ??در ميٿري پالاسري سينا، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، چيئرمين جوائنٽ چيف آف آرمي ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، ايئر چيف مارشل مجاهد انور خان، نيول چيف ظفر محمود عباسي، دفاع وارو وزير انجنيئر خرم دستگير خان، مختلف ملڪن جا سفير، پارليامينٽ جا ميمبر، وفاقي وزير، مختلف ملڪن جي فوجي ??فيسرن سميت عوام جو هڪ وڏو تعداد شرڪت ڪئي، صدر چيو ته 23 مارچ 1940ع تي اسان جي ??زرگن هڪ اهڙو جديد، مضبوط ۽ جمهوري ملڪ بڻائڻ جو عزم ڪيو هو جتي ڪير ڪنهن تي ظلم نه ڪري سگهي ۽ نه ئي ڪنهن جو استحصال ڪيو وڃي، اسان ان خواب کي حقيقت بڻائڻ جي لاءِ جدوجهد ۾ قربانيون پيش ڪندڙ پنهنجي قائدين، بزرگن، شهيدن ۽ غازين کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. صدر چيو ته اها شاندار پريڊ اسان جي ??وابن جي هي هڪ حسين تعبير آهي، هن چيو ته هن اهم ترين قومي ڏهاڙي جي موقعي تي اسان جا بهترين دوست به پريڊ سميت پاڪستان جي ڏهاڙي جي ٻين تقريبن ۾ شريڪ آهن ۽ ان مقصد جي لاءِ سريلنڪا جو صدر ميٿري پالاسري سينا به خصوصي طور تي پاڪستان آيو آهي جنهن تي سڄي پاڪستاني ??وم سندس آجيان ڪري ٿي.
صدر پاران پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي پريڊ گرائونڊ ۾ تقريب کي خطاب
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل