اسلام آباد – 06 جون (اي پي پي) نگران وفاقي ڪاب??نا 6 سيڪڙو جي واڌ جي شرح تي اطمينان جو اظهار ڪندي اد??ئيگين ۾ توازن، مالي ۽ قرضن جي سگهه ۽ سرڪاري اد??رن جي بهتر نظم ۽ ضبط جي لاءِ عبوري ڪاب??نا جي مينڊيٽ تحت فوري قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصر الملڪ جي صدارت ۾ نگران وفاقي ڪاب??نا جو اجلاس وزيراعظم آفيس ۾ منعقد ٿيو، گهرو سيڪريٽري ڪاب??نا کي وفاقي گهرو وزرات ۽ ان سان لاڳاپيل اد??رن جي ڪارڪردگي جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني، هن ملڪ ۾ داخلي سلامتي ۽ امن امان کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ کنيل قدمن ۽ انتظامي پاليسي قدمن جي باري ۾ ڪاب??نا کي آگاهه ڪيو. گهرو سيڪريٽري وفاقي ڪاب??نا کي آزاداڻي، منصفاڻي، غير جانبداراڻي ۽ پرامن چونڊون منعقد ڪرائڻ کي يقيني بڻائن جي لاءِ اليڪشن ڪميشن جي مدد جي ڏس ۾ گهرو وزارت جي قدمن جي باري ۾ به ٻڌايو.
نگران وفاقي ڪابينا 6 سيڪڙو جي واڌ جي شرح تي اطمينان جو اظهار
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں